روهن سپي

روهن سپي

روهن سپي

روهن سپي: بالي ووڊ جو ناليوارو سنڌي هدايتڪار ۽ فلم پروڊيوسر روهن سپي ڀارت ۾ رهي ٿو. هن ايلگون ڪاليج سوئيٽزرلينڊ مان تعليم حاصل ڪرڻ بعد اسٽينفورڊ يونيورسٽيءَ مان بي. اي ڪئي. هن جو والد رميش سپي ۽ سندس ڏاڏو جي. پي. سپي پڻ فلم انڊسٽريءَ سان لاڳاپيل هئا. سندس ڏاڏو مڃيل پروڊيوسر هو. هن جي شادي يونيورسٽيءَ ۾ ساڻس گڏ پڙهندڙ روهنا گيرا نالي ڇوڪريءَ سان ٿي، جيڪا اڳتي هلي فلم جي اسڪرپٽ رائيٽر ٿي. بالي ووڊ جو مقبول فلم اسٽار اڀيشڪ بچن سندس اسڪول جي زماني کان وٺي گهرو دوست رهيو آهي. روهن بالي ووڊ جي ڪامياب ڊائريڪٽر طور پاڻ مڃايو آهي، هن هيٺيون فلمون ڊائريڪٽ ڪيون آهن:
’نوٽنڪي سالا، دم مارو دم‘ (2011ع)، ’بلف ماسٽر‘ (2005ع)، ’ڪڇ نا ڪهو‘ (2003ع). اهي مشهور فلمون ڊائريڪٽ ڪرڻ سان گڏ هيٺيون فلمون پروڊيوس ڪري چڪو آهي:
1. چاندني چوڪ ٽو چائنا (2009ع)،
2. The president is coming (1995)،
3. زمانا ديوانا (1995ع).
سندس تازي آيل فلم ’دم مارو دم‘ ڪافي مقبول وئي آهي، جنهن ۾ اڀيشڪ بچن ۽ بپاشا باسو اداڪاري ڪئي آهي. سندس ڊائريڪشن هيٺ هيءَ فلم 22 اپريل 2011ع تي انڊيا ۽ آمريڪا ۾ رليز ڪئي وئي. روهن سپي سنڌي خاندان سان تعلق رکي ٿو، جنهن 1947ع ۾ ننڍي کنڊ جي ورهاڱي سبب پنهنجو اصلوڪو وطن سنڌ ڇڏي، هندستان ۾ رهائش اختيار ڪئي هئي.


لفظ روهن سپيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو